Commander Karachi Rear Admiral Farrukh Ahmed Calls On Cheif Minister Sindh.

Commander Karachi Rear Admiral Farrukh Ahmed Calls On Cheif Minister Sindh.

هينڊ آئوٽ br ڪراچي (24 مئي 2016ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خالد ايس آر اِي يونس آباد ڪراچي ۾ پي اين ماڊل اسڪول جي قيام جي مد ۾ پاڪستان نيوي ايجوڪيشن ٽرسٽ لاءِ 25 ملين رپين جي امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير ان گرانٽ جي منظوري ڪمانڊر ڪراچي ريئرايڊمرل فرخ احمد سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڏني. ڪمانڊر ڪراچي ريئرايڊمرل فرخ احمد اڄ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان نيوي ايجوڪيشن ٽرسٽ تحت يونس آباد ۾ 70 ملين رپين جي لاڳت سان پي ايس ماڊل اسڪول جي قيام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان نيويءَ طرفان به انهيءَ مقصد لاءِ فنڊ ڏنا آهن. ڪمانڊر ڪراچي چيو ته پاڪ نيوي ايجوڪيشن ٽرسٽ هن وقت پنج ڪئمپس هلائي رهيو آهي جتي 1600 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت تعليم واري شعبي کي پهرين ترجيح ڏيندي آهي، جيئن ته اوهان تعليم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيو جيڪو هڪ اعليٰ مقصد آهي انڪري مان پي اين ماڊل اسڪول جي قيام لاءِ 25 ملين رپين جي امداد ڏئي رهيو آهيان.


User: SindhCMHouse

Views: 1

Uploaded: 2016-05-24

Duration: 00:16

Your Page Title