Sinjhoro: Misbehave With Media Center Sinjhoro's Team In Government Boys Higher Secondry School Sinjhoro On 06-05-2016

By : Anees Laghari

Published On: 2016-05-06

21 Views

00:43

سنجھورو ؛ 06.05.2016 تي گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول سنجھوري ۾ ميرپور خاص بورڊ جي ٻارهين ڪلاس جي ڪيمسٽري جي پيپر دوران سرعام ڪاپي جي ريڪارڊنگ دوران ايڪسٽرنلز حافظ منير عباسي ۽ جمن بالادي ۽ اسڪول جي هيڊ ماستر ارشد علي آرائين جي ميڊيا سينٽر جي ٽيم سان بدتميزي ، ريڪارڊنگ کان روڪيو ويو ۽ ڪيمرا ڦرڻ جي ڪوشش .....................................
تفصيل موجب گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول سنجھورو ۾ ميرپورخاص بورڊ جي ٻارهين ڪلاس جي پيپر دوران جڏنهن سينيئر رپورٽر انيس لغاري ۽ سينيئر رپورٽڙ خدا بخش سولنگي سرعام ڪاپي جي ريڪارڊنگ ۽ نشاندهي ڪئي ته امتحانن لاءِ مقرر ڪيل ايڪسٽرنلز حافظ منيرعباسي ۽ جمن بالادي ۽ اسڪول جي هيڊماستر ارشد علي آرائين نه صرف ميڊيا سينٽر جي ٽيم سان بدتميزي ڪئي پر سندن ڪيمرا ڦر ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ۽ کين ٻاهر نڪرڻ لاءِ داٻا ڏنا ، ان موقعي تي جڏنهن آواز ٽي وي جي ٽيم کين سندن فرض ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته پيپر دوران اسڪول جا مين گيٽ ڪاپي ڪرائيندڙ ٻاهرين ماڻهن لاءِ ڇو کليل آهن ؟ ۽ اسڪول اندر ڪاپي ڪرائڻ لاءِ آئوٽ سائيڊرز ڇو ويٺل آهن ؟ ۽ جڏنهن آواز ٽي وي جي ٽيم ان ڳالھ جي پڻ نشاندهي ڪئي ته پيپرن ۾ امپرسونيشن ( هڪ شاگرد جي جڳھ تي ٻئي شاگرد کي ويهارڻ ) به تمام گھڻي شڪايت آهي جنهن تي اسڪول ۾ مقرر ايڪسٽرنلز حافظ منير عباسي ، جمن بالادي ۽ اسڪول جي هيڊ ماسٽر ارشد علي آرائين آپي مان ٻاهر نڪري ميڊِيا ٽيم سان بدتميزي تي لهي آيا ۽ کين گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا ، واضح رهي ته گورنمينٽ بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول سنجھورو امتحاني سينٽر تي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود سرعام ڪاپي ڪرائيندڙن جي رش رهي ۽ ڪلاسن ۾ پڻ ڪاپي جي ڌم متل رهي ................................

Trending Videos - 27 April, 2024

RELATED VIDEOS

Recent Search - April 27, 2024